عظميٰ گيلاني

عظميٰ گيلاني

عظميٰ گيلاني

عظميٰ گيلاني: ريڊيو ۽ ٽي وي جي ناليواري اداڪاره، ڊراما نويس ۽ افسانه نگار، عظميٰ گيلاني 1945ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڄائي. عظميٰ گيلاني فني زندگيءَ جي شروعات 1970ع ۾ لاهور ٽي. وي تان اشفاق احمد جي لکيل سيريز ‘قلعه ڪهاني’ جي ڊرامي ‘پاداش’ ۾ اداڪاريءَ سان ڪئي. ان ڊرامي ۾ هن هڪ هندو ڪنيز/ ٻانهيءَ جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. سندس پهرين ڊراما سيريل ‘نشيمن’ نالي سان نشر ٿي، جنهن ۾ هن نوجوانيءَ واري ڄمار جي هڪ ستر سالن جي پوڙهي عورت جو ڪردار اهڙي ته خوبصورتيءَ سان نڀايو، جو سيريل ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪيائين. جنهن سبب عظميٰ گيلانيءَ کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. هن ‘ميٺا زهر ’ نالي ڊرامي ۾ چري عورت جو ڪردار به ادا ڪيو. 1976ع ۾ اشفاق احمد جي ڊراما سيريز ‘ايڪ محبت سو افساني’ جي هڪ ڊرامي ۾ ڪنڀر جي گهر واريءَ جو ڪردار تمام خوبصورتيءَ ۽ حقيقت تي مبني اداڪاريءَ سان ڪرڻ سبب کيس ‘گريجوئيٽ اوارڊ’ ڏنو ويو. پي. ٽي. وي تان ٻارن لاءِ نشر ٿيندڙ مشهور ڊراما سيريل ‘الف ليليٰ ’ ۾ اداڪاريءَ سان گڏ گلوڪاري به ڪيائين. سندس ٻين مشهور ڊرامن ۾ وارث، ڌوپ جلي، دهليز، پناهه، مين پاگل هون، امربيل، دستارِ انا، فراق، من وصلويٰ، شهر اجنبي کان سواءِ ٻيا بيشمار يادگار ڊراما شامل آهن. سندس لکيل افسانن جو مجموعو ‘ع سي عورت، م سي مرد’ نالي ڇپيل آهي. بطور ڊراما نويس هن ايس. ٽي. اين لاءِ هڪ سيريل تحرير ڪئي. 1980 ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو. 1988ع ۾ پي. ٽي. وي پاران کيس بهترين اداڪاره جو اوارڊ ڏنو ويو. سندس ڊراما سيريل ‘فراق’ تي به هم ٽي وي طرفان 2014ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو. هي ڪجهه عرصو آسٽريليا وڃي رهائش پذير ٿي. جتي ڪينسر جو علاج ڪرائڻ بعد واپس ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي هن وقت مختلف خانگي چينلن جي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ سان گڏوگڏ پنهنجي اشتهاري ڪمپني سنڀالي رهي آهي.


لفظ عظميٰ گيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو